اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28نومبر2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽن نئين ايئرلائينز کي لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن، نيو اسلام آباد ايئرپورٽ 14 آگسٽ 2017ع کان آپريشنل ٿي ويندو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران شيخ صلاح الدين جي سوال جي جواب ۾ شيخ آفتاب احمد چيو ته پي آءِ اي کي اپريل 2016ع ۾ پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني بڻايو ويو آهي، 2015ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ اداري 2 ارب 83 ڪروڙ جو منافعو ڪمايو. شگفته جماڻي جي سوال جي جواب ۾ شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪنهن پرڏيهي ايئرلائين کي ملڪي روٽ تي واپاري اڏام هلائڻ جي اجازت نه آهي، حڪومت پهرين روٽ ليز تي جهاز ورتا، اهي واپس ڪري ڇڏيا، هاڻي ڊرائي ليز تي جهاز ورتا آهن ته جيئن پنهنجا پائليٽ ان کي هلائي سگهن، 15 هزار ملازمن ۾ رڳو 5 پرڏيهي پي آءِ اي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته 14 آگسٽ 2017ع تي نئين اسلام آباد ايئرپورٽ کي فنڪشنل ڪيو ويندو، ٽن نئين ايئرلائينز کي لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن، اميد آهي ته اهي جلد پنهنجون اڏامون شروع ڪنديون.
ٽن نئين ايئرلائينز کي لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي
9 سال پھريان
