ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي جاچ آفيسر جو قتل، ماڊل ايان علي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي جاچ آفيسر جو قتل، ماڊل ايان علي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا

راولپنڊي(پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي جاچ آڦيسر چوڌري اعجاز جي قتل ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا خميس تي اسپيشل جڊيشل مئجسٽريٽ راولپنڊي گلفام لطيف ماڊل ايان علي جي خلاف مقتول ڪسٽم انسپيڪٽر جي بيوه سائمه اعجاز پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ڪسٽم انسپيڪٽر چوڌري اعجاز قتل ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي وارث خان ٿاڻي جي جاچ آفيسر کي ستن ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ان کان علاوه عدالت ڪسٽم سپرنٽنڊنٽ زرگامدين ۽ ڊاڪٽر هارون جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. ايف آءِ اي اختيارين چيو هو ته گهرو وزارت کان اميگريشن اختيارين کي ايان علي جو نالو ڪڍڻ جي حوالي سان ڪوئي به نوٽيفڪيشن موصول نه ٿيو هو تنهنڪري ماڊل کي ٻاهرين ملڪ اڏام ۾ سفر جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي نجي ٽي وي مطابق ايان علي جيڪا مني لانڊرنگ جي الزامن سان منهن ڏيئي رهي آهي ان جو نالو ته ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان ڪڍيو ويو هو جڏهن ته ان کي دبئي ويندڙ اڏام ۾ سفر جي اجازت نه ڏني ويئي. ياد رهي ته ماڊل کي 14 مارچ 2015 تي اسلام آباد جي بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو ٻاهرين ملڪ وڃي رهي هئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اجازت جي بغير پنج لک 6 هزار 800 ڊالر پاڪستان کان ٻاهر کڻي وڃي رهي هئي. جنهن حوالي سان هو ڪوبه قانوني جواز پيش نه ڪري سگهي. گذريل سال نومبر ۾ هڪ ڪسٽم عدالت ماڊل جي خلاف پنج لک ڊالرن کان وڌيڪ رقم ٻاهرين ملڪ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏوهه لاڳو ڪيو ويو هو جنهن ۾ هن وقت تائين هو قصوروار ثابت نه ٿي آهي ماڊل کي گذريل سال جولاءِ ۾ ضمانت تي آزادي ملي هئي جنهن کان اڳ هن 4 مهينا راولپنڊي جي اڍيالا جيل ۾ گذاريا.