ٽڊاپ اسڪينڊ يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جي خلاف ٻڌڻي سرڪاري وڪيل جي عدم موجودگي سبب 25 آگسٽ تائين ملتوي

ٽڊاپ اسڪينڊ يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جي خلاف ٻڌڻي سرڪاري وڪيل جي عدم موجودگي سبب 25 آگسٽ تائين ملتوي

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالت ڪراچي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جي خلاف ٽڊاپ اسڪينڊل جي ٻڌڻي 25 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي خميس تي وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ ٽڊاپ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڪيس ۾ گرفتار يوسف رضا گيلاني جي فرنٽ مين فيصل صديق جڏهن ته نامزد ڏوهاري عابد جاويد انور خان عدنان زمان ۽ ٻيا به عدالت ۾ موجود هئا اڳوڻي چيئرمين ٽڊاپ طارق اقبال پوري جي عدم حاضري تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي طارق اقبال جو هڪ دفعو ٻيهر ناقابل ضمانت گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڏوهاري کي پيش ڪيو وڃي ان کان پوءِ عدالت سرڪاري وڪيل جي عدم موجودگي سبب ٻڌڻي 25 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.