وسيم اختر 25 جولاءِ تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي

وسيم اختر 25 جولاءِ تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ نامزد ميئر ڪراچي وسيم اختر کي 25 جولاءِ تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي وسيم اختر جي خلاف دهشتگردن جي مدد متعلق ٻه مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي خميس تي دهشتگردي روڪٿام واري عدالت ۾ ٿي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ وسيم اختر کي ملير سٽي ۽ سچل ٿاڻي ۾ داخل ٻن مختلف ڪيسن ۾ ريمانڊ جي لاءِ پوليس جي بختربند گاڏي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ آندو ويو ٻڌڻي دوران پوليس چيو ته وسيم اختر تي 2 وڌيڪ ڪيس آهن جنهن ۾ ضمانت نه ٿي آهي ڏوهاري کان جاچ ڪرڻي آهي 14 ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو وڃي ٻڌڻي دوران وسيم اختر ڳالهائڻ جي اجازت گهري ته عدالت چيو ته جيڪڏهن توهان ڳالهائيندا ته وڪيل کي اجازت نه ملندي وسيم اختر چيو ته جنهن تقرير جو حوالو ڏنو ويو ان ۾ موجود نه هيس. جاچ آفيسر نصيرالدين عدالت کي ٻڌايو ته وسيم اختر شروعات جاچ ۾ ڏوهن کان انڪار ڪيو آهي عدالت چيو ته ان جي ضمانت رد ناهي پر ڪنفرم نه ٿي آهي. وسيم اختر چيو ته مون کي اربع تي به عدالت ۾ آندو ويو هو پر پيش نه ڪيو ويو منهنجي جان کي خطرو آهي هن چيو ته جيڪڏهن منهنجو ريمانڊ ضروري آهي ته هڪ ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو وڃي جڏهن ته وسيم اختر جي وڪيل چيو ته واسطيدار ايس پي غير قانوني قدمن جي لاءِ مشهور آهي. دهشتگردي روڪٿام واري عدالت جي جج وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ وسيم اختر کي 25 جولاءِ تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس