سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رينجرز آپريشن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن

سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رينجرز آپريشن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) سنڌ حڪومت پاڪستان رينجرز کي ڪراچي سميت سنڌ ۾ پوليس وانگر ڪارروايون ڪرڻ بابت آرٽيڪل 147 خاص اختيارن ۾ واڌ ناهي ڪئي جنهن تي رينجرز صوبي ۾ آپريشن بند ڪري ٽن سالن جي لاءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪيل آپريشن جا تفصيل جاري ڪيا آهن رينجرز جي ترجمان مطابق 5 سيپٽمبر 2013 کان هن وقت تائين سنڌ جي ٻين شهرن جي مختلف علائقن ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيا ويا ان دوران وڏن ڏوهن ۾ ملوث 533 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو جن مان 478 کي قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو رينجرز جي ترجمان مطابق 55 ڏوهارين کي ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي حوالي ڪيو ويو رينجرز جي ترجمان جي بيان مطابق سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪارروائين ۾ رينجرز جا 2 آفيسر ۽ هڪ جوان به شهيد ٿيو. ڪارروائين ۾ ڏوهارين جي فائرنگ سان ٻه جوان زخمي به ٿيا رينجرز جي ترجمان مطابق سنڌ جي ٻين شهرن کان 34 ڪالعدم ۽ 16 علحديدگي پسند تنظيم جا ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا ترجمان سنڌ جي ٻين شهرن کان ايم ڪيو ايم جي عسڪري ونگ جا 4 ڏوهاري به گرفتار ڪيا ويا 5 سيپٽمبر کان پوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 127 غير قانوني افغان باشنده به گرفتار ڪيا ويا ترجمان مطابق رينجرز 18 ڌاڙيل 10 اسمگلر 11 غير قانوني شڪاري ۽ 24 منشيات وڪرو ڪندڙ به پڪڙيا آهن. جڏهن ته هاڻي آپريشن بند ڪيو ويو آهي.