اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته حڪومت ٻارن جي جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، صوبن کي جبري پورهئي جي خاتمي بابت قانون سازي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ گهرجي، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر عتيق شيخ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت لاڳاپيل وزارتن جي ذريعي صوبن کي ضروري هدايتون جاري ڪري رهي آهي، جبري پورهئي جو معاملو هاڻي ڇاڪاڻ جو صوبن جي دائري ڪار ۾ ايندو آهي وفاقي حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبا جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ باقاعده قانون ٺاهين ان سلسلي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ته قانون ٺاهي ڇڏيو آهي بلوچستان ۾ به ان تي عمل جاري آهي، سنڌ ۾ ان مقصد لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:58
حڪومت ٻارن جي جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي: ميان رياض حسين پيرزاده
9 سال پھريان