اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ ۾ ايٽمي پروگرام جا ڪجهه حصا بند ڪرڻ جي حوالي سان آمريڪي دٻاءُ بابت التوا واري رٿ واپس ورتي وئي، خميس ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر عتيق شيخ جي ان حوالي سان التوا واري رٿ ايجنڊا ۾ شامل هئي، پر التوا واري رٿ پيش ڪندڙ جي منظوري جي تعين جي معاملي تي زور نه ڏنو ويو ۽ هن اها رٿ واپس وٺي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م18:53
سينيٽ ۾ ايٽمي پروگرام جا ڪجهه حصا بند ڪرڻ جي حوالي سان آمريڪي دٻاءُ بابت التوا واري رٿ واپس
9 سال پھريان
