گذريل 10 سالن دوران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا 118 اجلاس منعقد ٿياميان رياض حسين پيرزاده

گذريل 10 سالن دوران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا 118 اجلاس منعقد ٿياميان رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزادي چيو آهي ته گذريل 10 سالن دوران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا 118 اجلاس منعقد ٿيا، سي سي آءِ جو سيڪريٽريٽ ٺاهڻ لاءِ سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي آهي، سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس لاءِ صوبن کان مختلف معاملن جي حوالي سان شڪايتون گهريون ويون آهي، شڪايتون ملندي ئي انهن کي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا جو حصو بڻايو ويندو. خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ميان عتيق شيخ، سينيٽر سسئي پليجو ۽ سينيٽر اعجاز ڌامراه جي سوالن جي جواب ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ايوان کي ٻڌايو ته گذريل 10 سالن دوران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا 118 اجلاس منعقد ٿيا، سي سي آءِ جو سيڪريٽريٽ بڻائڻ جي حوالي سان سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:49