تخت ڀائي فلائي اوور جو 62 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي: شيخ آفتاب احمد

تخت ڀائي فلائي اوور جو 62 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي: شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته تخت ڀائي فلائي اوور جو 62 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، 6 مهينن ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿي ويندو. ايندڙ هفتي دورو ڪري ڪم جي رفتار جو جائزو ورتو ويندو. خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر احمد حسن جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ايوان کي ٻڌايو ته تخت ڀائي فلائي اوور جي ڪم جو ٺيڪو 28 نمبر 2012ع تي ڏنو ويو ان تي ڪم جو آغاز 6 فيبروري 2013ع تي ٿيو، 62 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، 6 مهينن ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿي ويندو، هن ٻڌايو ته منصوبي جو ابتدائي ڪاٿو 58 ڪروڙ 21 لک روپيا هو جنهن کانپوءِ وڌائي 85 ڪروڙ 15 لک روپيا ڪيو ويو، منصوبي تي هينئر تائين 42 ڪروڙ 20 لک روپيا خرچ ٿي چڪا آهن. ايندڙ هفتي دورو ڪري منصوبي تي ڪم جي رفتار جو جائزو ورتو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:47 خبر نمبر -- -- - 10