گذريل ٽن سالن دوران قومي روڊن ۽ موٽر وي جي مرمت تي 30 ارب روپيا ۽نئين روڊن جي تعمير تي هڪ کرب روپين کان وڌيڪ جو خرچ ڪيو ويو آهي:سينيٽ کي آگاهي

گذريل ٽن سالن دوران قومي روڊن ۽ موٽر وي جي مرمت تي 30 ارب روپيا ۽نئين روڊن جي تعمير تي هڪ کرب روپين کان وڌيڪ جو خرچ ڪيو ويو آهي:سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران قومي روڊن ۽ موٽر وي جي مرمت تي 30 ارب روپيا ۽ نئين روڊن جي تعمير تي هڪ کرب روپين کان وڌيڪ جو خرچ ڪيو ويو آهي. نئين روڊن جي تعمير جو معيار بهتر بڻايو ويندو. خميس ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر حافظ حمد الله، سينيٽر چوڌري تنوير خان ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ايوان کي ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن دوران پنجاب ۾ روڊن جي مرمت تي 11 ارب 20 ڪروڙ روپيا، سنڌ ۾ 5 ارب 91 ڪروڙ روپيا، بلوچستان ۾ 6 ارب 22 ڪروڙ روپيا ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک روپين کان وڌيڪ جو خرچ ڪيو ويو. جڏهن ته موٽر وي جي مرمت تي 2 ارب 58 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو خرچ ٿيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:44