اسلام آباد ۾ هن وقت 19 بلڊ بئنڪون ڪم ڪري رهيون آهن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد ۾ هن وقت 19 بلڊ بئنڪون ڪم ڪري رهيون آهن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ هن وقت 19 بلڊ بئنڪون ڪم ڪري رهيون آهن، بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي بلڊ بئنڪن جي معاملي جي نگراني ڪندي آهي، غير محفوظ رت جي منتقلي تي گذريل ٽن سالن ۾ 6 بلڊ بئنڪن کي بند ڪيو ويو، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي، ميان عتيق شيخ، طاهر حسين مشهدي جي سوالن جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو ته اسلام آباد ۾ هن وقت 19 بلڊ بئنڪون ڪم ڪري رهيون آهن، اسلام آباد ۾ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي بلڊ بئنڪن جي معاملي جي نگراني ڪندي آهي، هن چيو ته غير محفوظ رت جي منتقلي تي سزائون موجود آهن، گذريل ٽن سالن جي دوران 6 بلڊ بئنڪن کي بند ڪيو ويو. سزا قانون موجب ڏني ويندي آهي. جيڪي بلڊ بئنڪون بند ڪيون ويون آهن انهن ۾ حڪومتي ادارن جون بئنڪون به شامل آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:42