سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، انگ اکرن ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ملتوي

سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، انگ اکرن ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ملتوي

اسلام آباد(پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، انگ اکرن ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪورم پورو نه هئڻ سبب ملتوي ڪيو ويو. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن گهرايو ويو هو. پر اجلاس جي انعقاد لاءِ ميمبرن جو گهربل تعداد حاضر نه هئڻ سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس هاڻي 27 جولاءِ تي متوقع آهي. جنهن جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر سليم ايڇ مانڊوي والا ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:39