سينيٽ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش

سينيٽ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) سينيٽ ۾ سينيٽ جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان ٻن معاملن تي رپورٽون پيش ڪيون ويون. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه اين اي آر سي ۽ پي اي آر سي جي زمين جي رهائسي ۽ واپاري پلاٽن ۾ تجويز ڪيل منتقلي بابت ڪميٽي جي 10 هين فالو اپ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رحمان ملڪ فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي.