قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار ڏوهاري وسيم جو چئن ماڻهن سان پنهنجي رابطن جو انڪشاف جاچ جو دائرو وسيع

قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار ڏوهاري وسيم جو چئن ماڻهن سان پنهنجي رابطن جو انڪشاف جاچ جو دائرو وسيع

ملتان(پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار ڏوهاري وسيم چئن ماڻهن سان پنهنجي رابطن جو انڪشاف ڪيو جنهن کان پوءِ پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي نجي ٽي وي مطابق قنديل بلوچ قتل ۾ گرفتار ڏوهاري وسيم جاچ دوران چئن ماڻهن سان ٽيليفون تي رابطو ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو جنهن کان پوءِ پوليس انهن چئني ماڻهن جي سڃاڻپ موبائيل نمبر جي ذريعي حاصل ڪئي آهي ذريعن ٻڌايو ته انهن چئن ماڻهن ۾ ڏوهاري وسيم جو سوٽ حق نواز، ڀيڻويو ظفر، عبدالباسط ۽ علي نالي نوجوان شامل آهن جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ جلد انهن کي گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.