ڪي اليڪٽرڪ غريب شهرين کي ميٽر ريڊنگ مطابق بل موڪلي: محمد يامين

ڪي اليڪٽرڪ غريب شهرين کي ميٽر ريڊنگ مطابق بل موڪلي: محمد يامين

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) وفاقي محتسب اعليٰ ريجنل آفيس جي ايڊوائيزر محمد يامين چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ غريب شهرين کي ميٽر ريڊنگ مطابق بل موڪلي ته جيئن هو اندازي سان بل موڪلڻ سبب اضافي رقم ادا ڪرڻ کان بچي سگهن اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر ملير جي آفيس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي وڌيڪ بلنگ جي خلاف موصول ٿيندڙ درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي ڪيو. محمد يامين چيو ته وفاقي محتسب اعليٰ سليمان فاروقي جي هدايت تي غريب شهرين کي ان جي در تي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته محتسب عدالت مفت انصاف جو منفرد ادارو آهي. جتي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف لاتعداد درخواستون موصول ٿي رهيون آهن. دنبا ڳوٺ جي درخواست ڪندڙ غلام رسول محتسب عدالت کي ٻڌايو ته اڪثر شهرين کي ڪي اليڪٽرڪ جي اليڪٽرڪ ميٽر استعمال ۾ نه هجڻ باوجود بل موڪلڻ شروع ڪيا آهن غلام رسول ٻڌايو ته دنبا ڳوٺ ۾ جون کان پوءِ ڪنڊا سسٽم به ختم ڪيو ويو آهي جنهن تي محتسب عدالت جي چوڻ تي چيو ويو ته ڳوٺ جا ماڻهو بغير بجلي جي رهي رهيا آهن ته غلام رسول ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جي رويي کان تنگ اچي اسان سولر رهواسي سک جو ساهه کڻي رهيا آهن. ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف ڏنل بين درخواستن تي به ڪارروائي ڪئي ويئي ۽ اضافي بلنگ اضافي بلنگ جي شڪايت رهندي آهي پر دنبا ڳوٺ ۾ ڪي سسٽم استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي جنهن سان ڳوٺ جا جو خاتمو ڪيو ويو.