ڪراچي جو امن قومي ترقي ۽ استحڪام جي ضمانت آهي: صدر ممنون حسين

ڪراچي جو امن قومي ترقي ۽ استحڪام جي ضمانت آهي: صدر ممنون حسين

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 23نومبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪراچي جو امن قومي ترقي ۽ استحڪام جي ضمانت آهي ان جي لاءِ بدامني جي خلاف ڪارروائي کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ۽ ڏوهارين سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي. هن اها هدايت رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بلال اڪبر سان ڪالهه اربع ڏينهن ڳالهائيندي ڏني جنهن صدارتي ڪئمپ آفيس ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر کيس هدايت ڪئي ته ڪراچي جي شهرين کي تحفظ جو احساس ڏيڻ جي لاءِ ڏوهارين جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ئي واحد حل آهي. هن شهرن ۾ امن جي بحالي لاءِ رينجرز جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن امن قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن جنهن تي قوم مٿن فخر ڪري ٿي. هن چيو ته قومي معيشت جي استحڪام جو مقصد ماڻڻ بدامني ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي سان ئي ممڪن آهي جنهن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي. ان موقعي تي ميجر جنرل بلال اڪبر صدر کي شهر جي صورتحال ۽ بدامني جي خلاف ڪاررواين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.