اطلاعات ۽ نشريات واري وزير پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ

اطلاعات ۽ نشريات واري وزير پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه اربع ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ڀارت پاران اشتعال انگيز فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا عوامي نمائندن ۽ عوامي عهديدارن جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏني، وفاقي وزير جي ماهوار پگهار 2 لک، مملڪتي وزير جي هڪ لک 80 هزار، پارليامينٽ ميمبر جي ڏيڍ لک رپيا مقرر ڪئي وئي، افغان پناهگيرن کي ڊسمبر 2017ع تائين واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو، مخصوص ويڪسينز جي هنگامي حالت ۾ نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشن واري وزارت کي اين او سي ذريعي خريداري جي اجازت ڏني وئي، آذربائيجان، ڏکڻ آفريقا، بيلاروس، ملائيشيا ۽ مالديپ سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته پيپرا جي خريداري بابت قاعدن کي تبديل ڪرڻ جي حالت سان هم آهنگ ڪرڻ ي لاءِ ترميم جي سلسلي ۾ خواجه سعد رفيق جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر، پارليامينٽ ميمبرن، وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏني آهي، اهو معاملو 13، 14 سالن کان التوا ۾ پيل هو، عوامي نمائندن ۽ عوامي عهدو رکندڙن جون بنيادي پگهارون صوبائي نمائندن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هيون، ان ڏس ۾ پبلڪ آفيس هولڊرز جي پگهارن ۾ اضافي جي ضرورت محسوس ڪئي وئي جنهن جي روشني ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو بنيادي پگهار هڪ لک 19 هزار 8 رپيا مان وڌائي 2 لک 5 هزار ڪيو ويو آهي، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جو بنيادي پگهار هڪ لک 10 هزار 85 رپين مان وڌائي هڪ لک 85 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ جي ميمبرن جو بنيادي پگهار 44 هزار 630 رپين مان وڌائي هڪ لک 50 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، وفاقي وزيرن جو بنيادي پگهار هڪ لک 14 هزار 897 رپين مان وڌائي 2 لک رپيا ڪيو ويو آهي، مملڪتي وزيرن جو بنيادي پگهار هڪ لک 6 هزار 281 رپين مان وڌائي هڪ لک 80 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، ان ۾ 2010ع ۽ 2016ع جو ايڊهاڪ رليف پڻ شامل آهي. هن چيو ته نوان پگهار پهرين آڪٽوبر 2016ع کان لاڳو ٿيندا ۽ ان اضافي سان ساليانو 40 ڪروڙ رپين جو اثر پوندو. مملڪتي وزير ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت ٻڌايو ته ڪابينا 6 مختلف ملڪن سان نون معاهدن جي پڻ توثيق ڪئي آهي، انهن معاهدن ۾ آذربائيجان سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ تعاون جو معاهدو، ڏکڻ آفريقا سان دفاعي شعبي ۾ تعاون کانسواءِ ٻين معاهدن جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي سهولت بابت معاهدا، بيلاروس سان ڏوهن کي روڪڻ جي شعبي ۾ تعاون جو معاهدو، ملائيشيا سان بدعنواني کي روڪڻ جي شعبي ۾ تعاون جو معاهدو ۽ مالديپ سان صحت جي شعبي ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون جا معاهدا شامل آهن. مريم اورنگزيب چيو ته پيپرا جي خريداري بابت قاعدن کي تبديل ڪرڻ سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ترميم جي سلسلي ۾ وزيراعظم وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، زاهد حامد، عبدالقادر بلوچ ۽ ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري تي ٻڌل آهي، اها ڪميٽي هڪ مهيني ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا مختلف بيمارين کي روڪڻ جي لاءِ مخصوص ويڪسينز جي هنگامي حالت ۾ خريداري جي لاءِ نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشنز واري وزارت کي اين او سي ذريعي خريداري جي اجازت ڏني آهي، اهڙي طرح اينٽي ٽي بي جي نان ڪمرشل ۽ ايمرجنسي دوائن جي خريداري لاءِ قائم ڪميٽي کي بااختيار بڻايو ويو آهي. هن چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي سڀني وزارتن ۽ لاڳاپيل کاتن ڏانهن موڪلڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ افغان پناهگيرن بابت معاملا پڻ غور هيٺ آندا ويا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڊسمبر 2017ع تائين پناهگيرن کي واپس وڃڻو پوندو، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل حصيدارن سان مشاورت سان طريقيڪار طئي ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي پڻ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان موقعي تي ڀارت جي اشتعال انگيز فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي. هن چيو ته ڀارتي اشتعال انگيزي جي هر سطح تي مذمت ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو تحسين علي خان پڻ موجود هو.