چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان پاڪستان ۽ چين جي معيشتن تي مثبت اثر پوندا: مولانا عبدالغفور حيدري

چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان پاڪستان ۽ چين جي معيشتن تي مثبت اثر پوندا: مولانا عبدالغفور حيدري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23نومبر2016ء) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان نه رڳو پاڪستان ۽ چين جي معيشتن تي مثبت اثر پوندا پر خطي جي مجموعي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي به يقيني بڻائي سگهبو. هن اهڙن خيالن جو اظهار عالمي امن ثقافتي فورم جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري جنرل ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو چيئرمين زوڪو پنگ جي سربراهي ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل هڪ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ چين دوستي اڄ جي نه پر ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي ۽ ٻنهي مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سطح تي تعاون ۾ ڏينهون ڏينهن اظافو ٿئي پيو ۽ سي پيڪ منصوبي سان گڏيل تعاون ۽ مختلف سطح تي رابطن جون نيون راهون هموار ٿينديون. هن ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو ته جيڪڏهن گهڻيون قوتون سي پيڪ جي رستي ۾ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ ۾ لڳل آهن تنهن هوندي به پاڪستاني قيادت ۽ عوام جو اهو عزم آهي ته ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن پهريون واپاري قافلو چائنا کان گوادر پهچي چڪو آهي تنهن هوندي به وقت سان گڏوگڏ ان واپاري قافلي ۾ وڌيڪ تيزي ايندي ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي واپاري سرگرمين سبب مثبت اثر پوندا. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن ۽ خاص طور تي سي پيڪ تحت پوئتي پيل علائقن ۾ خاص طور بلوچستان ۾ صنعتي زونز قائم ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان نه رڳو پوئتي پيل علائقن جي ترقي ممڪن ٿيندي پر روزگار جا موقعا به مهيسر ٿيندا ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وفد کي پنهنجي چين جي دوري جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته 8 سياسي پارٽين تي مشتمل وفد چين ۾ مختلف سطح تي ملاقاتون ڪيون ۽ سي پيڪ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو مليو، هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ٻه طرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ گهرجي ۽ مختلف سطح تي وفدن جي مٽاسٽا سان ٻه طرفي تعاون کي مضبوط کان مضبوط ڪري سگهجي ٿو. وفد جي اڳواڻ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته دوري جو مقصد به ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ انهن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ آهي جتي گڏيل حصيداري سان منصوبن تي ڪم ڪري سگهجي ٿو ۽ چيني سيڙپڪارن جي لاءِ سيڙپڪاري جا نوان موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا، هن چيو ته هن دوري دوران ريفائنري جي قيام اسٽيل مل لڳائڻ، سي پورٽ ٽرمينل، سيمينٽ پلانٽ کانسواءِ ٻين اهم منصوبن تي ڪم ڪرڻ جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويندو. جڏهن ته گڏوگڏ فلاحي ڪمن لاءِ به ڪوششون استعمال ۾ آنديون وينديون.