هينئر تائين 98 صنعتي يونٽس جي نجڪاري ڪئي وئي آهي: سينيٽ کي آگاهي

هينئر تائين 98 صنعتي يونٽس جي نجڪاري ڪئي وئي آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23نومبر2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته هينئر تائين 98 صنعتي يونٽس جي نجڪاري ڪئي وئي آهي، اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر تاج حيدر جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ايوان کي ٻڌايو ته جن يونٽس جي نجڪاري ڪئي وئي انهن ۾ آٽو موبائيل سان گڏ سيمينٽ جا 15، ڪيميڪل جا 13، انجنيئرنگ جا 7، ڀاڻ جا 6، گيهه جا 23، چانورن جا 8، ڪپهه جا 15 پلانٽس ۽ ٽيڪسٽائيل جا 4 يونٽ شامل آهن، 98 نجڪاري ٿيل يونٽن مان 19 فعال آهن 18 صنعتي يونٽ 85 ڪروڙ 25 لک 89 هزار روپين جو ٽيڪس ادا ڪيو آهي، جڏهن ته 42 يونٽس ڪو به ٽيڪس ناهي ڏنو.