قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پاران ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري کي هدايت

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پاران ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري کي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته هو قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جي حوالي سان ناڻي واري وزير جي نوٽيس ۾ آڻي ته هو ايوان ۾ ڪرايل پنهنجي خاطري تي عمل ڪرائي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پپيلزپارٽي جي اعجاز حسين جکراڻي اعتراض واري نقطي تي چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون پگهارون 22 هين گريڊ جي آفيسرن کان به گهٽ آهن جڏهن ته وفاقي وزير کان وڌيڪ پگهار ان جا پي ايس وٺي رهيا آهن، اسان کي ان ڳالهه تي هٻڪ جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري کي چيو ته هو اها ڳالهه ناڻي واري وزير جي نوٽيس ۾ آڻي ته هن جيڪا خاطري ڪرائي هئي ان تي عملدرآمد ڪرائي.