نئين آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم جو آهي: سينيٽر تاج حيدر

نئين آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم جو آهي: سينيٽر تاج حيدر

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22نومبر2016ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم جو آهي پر سينارٽي جي احترام جي پاليسي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان طريقيڪار سدائين جي لاءِ جوڙڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سينيٽر تاج حيدر چيو ته جنرل راحيل شريف پاران توسيع نه وٺڻ خوش آئنده آهي. نئين آرمي چيف جي مقرري جي لاءِ سدائين طريقيڪار جوڙڻ گهرجي، ان سان بهتري ايندي. هن چيو ته اسان جي پارٽي چيئرمين جيڪي مطالبا ڪيا آهن اهي منظور نه ٿيا ته احتجاج جي سواءِ ڪو به رستو باقي نٿو رهي.