آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪستاني فوج جي ڪمانڊر طور دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو: چوڌري پرويز الاهي

آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪستاني فوج جي ڪمانڊر طور دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو: چوڌري پرويز الاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22نومبر2016ء) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪستاني فوج جي ڪمانڊر طور دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو جڏهن ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي بحال ڪرڻ جو ڪريڊٽ به کيس وڃي ٿو. ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايئندي هن چيو ته جنرل راحيل شريف جي خدمتن کي قوم سدائين ياد رکندي، هن پنهنجي ٽن سالن واري دور ۾ پاڪستاني فوج جي ڪمانڊر طور دهشتگردي جي خلاف آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو جنهن سان ملڪ ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ ٽوڙڻ ۾ مدد ملي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا سميت ٻين ڏوهن ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جو ڪريڊٽ به جنرل راحيل شريف ڏانهن وڃي ٿو، ڪراچي آپريشن سان عوام سک جو ساهه کنيو آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ سان ان جا اثر پوري ملڪ تي پيا آهن.