قومي اسيمبلي پاران سوالن وارو وقفو سومر تي وٺڻ جي رٿ متفقه طور تي منظور

قومي اسيمبلي پاران سوالن وارو وقفو سومر تي وٺڻ جي رٿ متفقه طور تي منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جمعي ڏينهن ايجنڊا تي موجود سوالن وارو وقفو سومر تي وٺڻ جي رٿ متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. جمعي ڏينهن پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس رات دير سان طلب ڪيا ويا آهن، وزير لاهور هليا ويا هئا ان لاءِ هاڻي هي بزنس سومر تي ورتو وڃي، نويد قمر چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان ڪلينڊر سال پهرين بڻايو ويندو آهي، هي معمول وارو سيشن آهي ان جي سمري بروقت منظور ڪرڻ گهربي هئي، اسان ان تي احتجاج رڪارڊ ڪرايون ٿا، اسپيڪر چيو ته ميمبر، وزير ۽ وزارتون محنت ڪنديون آهن هن وقت ميمبر به ناهن ان لاءِ بهتر اهو ئي ٿيندو، شيخ صلاح الدين چيو ته اجلاس طلب ڪندي وقت پري کان ايندڙ ميمبرن جي مجبوري ڏٺي وڃي، شيخ آفتاب احمد رٿ پيش ڪئي ته سوالن واري وقفي جي ڪارروائي سومر 21 نومبر تائين ملتوي ڪئي وڃي، ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.