قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ پينل آف چيئرپرسن جي نامزدگي

قومي اسيمبلي جي اجلاس لاءِ پينل آف چيئرپرسن جي نامزدگي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ ايوان جي ڪارروائي هلائڻ جي لاءِ پينل آف چيئرپرسن جي نامزدگي ڪئي وئي. جمعي ڏينهن اسپيڪر پينل آف چيئرپرسن جي نالن جو اعلان ڪيو جنهن موجب محمد پرويز ملڪ، محمود بشير ورڪ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اقبال محمد علي خان، نعيمه ڪشور خان ۽ ڊاڪٽر غازي گلاب جمال اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندا.