مريم اورنگزيب پاران حاجي عديل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران حاجي عديل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سينيٽر حاجي محمد عديل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن هتي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سياسي نظام جي استحڪام لاءِ حاجي عديل جو نالو سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي روح کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي هي ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏي.