پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ترڪي ۽ پاڪستان جا قومي ترانا وڄايا ويا

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ترڪي ۽ پاڪستان جا قومي ترانا وڄايا ويا

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نومبر2016ء) ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کان اڳ ترڪي ۽ پاڪستان جا قومي ترانا وڄايا ويا. ڪالهه خميس ڏينهن ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي ايوان ۾ اچڻ کانپوءِ ترڪي ۽ پاڪستان جا قومي ترانا وڄايا ويا جنهن تي ايوان ۽ مهمانن جي گئلرين ۾ موجود سموريون شخصيتون قومي ترانن جي احترام ۾ بيٺل رهيون، جنهن کانپوءِ تلاوت قرآن پاڪ سان باضابطه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.