اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پوڻي ٽي وڳي ايوان ۾ آيو ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي، وزيراعظم محمد نواز شريف وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد، انوشه رحمان ۽ سينيٽر سعود مجيد سان گڏ ايوان ۾ آيو، وزيراعظم پهرين صف ۾ ويٺل ميمبرن سينيٽر طلحه محمود، مولانا فضل الرحمان، ظفر الله جمالي، مرتضيٰ جتوئي، مير حاص بزنجو، وفاقي وزيرن احسن اقبال، رانا تنوير حسين، خواجه آصف، اسحاق ڊار ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفر الحق، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد احمد شاهه ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن سان هٿ ملايو ۽ سندن خيريت دريافت ڪئي.
وزيراعظم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پوڻي ٽي وڳي ايوان ۾ آيو
9 سال پھريان
