سرڪاري آفيسرن جي تربيت ۽ نجي شعبي ۾ ميڊيا مئنجمينٽ جي اسڪلز ۾ اضافي جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب

سرڪاري آفيسرن جي تربيت ۽ نجي شعبي ۾ ميڊيا مئنجمينٽ جي اسڪلز ۾ اضافي جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سرڪاري آفيسرن جي تربيت ۽ نجي شعبي ۾ ميڊيا مئنجمينٽ جي اسڪلز ۾ اضافو جديد، عالمي رجحانن ۽ تشهير جي جديد فني مهارتن سميت سوشل ميڊيا جي موثر استعمال سان ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي، انفارميشن سروس اڪيڊمي کي ڪميونيڪشن ۽ ميڊيا ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي اعليٰ منظم اداري جي فعال طور ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. مملڪتي وزير چيو ته مستقبل جا تربيتي ڪورسز بهتر طور تيار ڪرڻ گهرجن جيڪي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان هم آهنگ هجن. هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي پروفيشنل ميڊيا انسٽيٽيوٽس ۽ ان جي لاڳاپيل تربيتي ماڊيولز جو جائزو ورتو وڇي ۽ ان موجب نون تجويز ڪيل تربيتي منصوبن جي لاءِ هڪ ٺوس اسٽريٽجي تيار ڪئي وڃي. هن چيو ته اڪيڊمي آفيسرن جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ مختلف تربيتي موقعن جي نشاندهي ڪري. هن چيو ته قومي ۽ عوامي اهميت جي اشوز تي سيمينار ۽ گروپ مباحثن جي اهتمام تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ آسان رابطي کي يقيني بڻائي سگهجي. مملڪتي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽه ماهي ڪيلنڊر ۽ اهم ڪارڪردگي انگن سان ساليانو تربيتي پلان تيار ڪيو وڃي. هن مستقبل جي تربتي پروگرامن جي تياري جي لاءِ اضافي سرڪاري ۽ نجي حصيداري جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.