گڏاڻي حادثي بابت ڪميٽي پاران رپورٽ وزيراعظم آفيس ۾ پيش

گڏاڻي حادثي بابت ڪميٽي پاران رپورٽ وزيراعظم آفيس ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پاران دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي سربراهي ۾ گڏاڻي حادثي جي انڪوائري لاءِ قائم ڪميٽي پنهنجي انڪوائري رپورٽ وزيراعظم آفيس ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي گڏاڻي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي تحفظ جي قدمن کي ناڪافي قرار ڏنو آهي ۽ تجويز ڏني آهي ته حڪومت سان گڏوگڏ جهازن جي مالڪن تي پڻ اها ذميواري وڌي وڃي ته اهي مزدورن جي تحفظ جي هر ممڪن انتظامن کي يقيني بڻائين. ڪميٽي اها به سفارش ڪئي آهي ته بلوچستان جي چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ شپ ري سائيڪلنگ بورڊ گڏاڻي جوڙيو وڃي جيڪو حڪومتي حڪمن ۽ قانونن تي مڪمل عملدرآمد ڪرائي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حادثن جي روڪٿام ٿي سگهي. ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته لاڳاپيل ادارن ڏانهن آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي، متاثر خاندانن جي لاءِ معاوضن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.