تعليم جي شرح وڌائڻ لاءِ تعليمي بجيٽ ۾ اضافي جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

تعليم جي شرح وڌائڻ لاءِ تعليمي بجيٽ ۾ اضافي جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15نومبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته تعليم جي شرح کي وڌائڻ لاءِ تعليمي بجيٽ ۾ 4 سيڪڙو تائين اضافي جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير بليغ الرحمان سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي جنهن ۾ ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم يوٿ پروگرام مخدوم عديل الرحمان به موجود هو. صدر چيو ته تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن کي پرائيويٽ تعليمي ادارن سان گڏجي اهڙيون پاليسيون جوڙڻ گهرجن جنهن سان ملڪ جي تعليمي نظام ۾ بهتري اچي. صدر چيو ته مستقبل جي حالتن کي نظر ۾ رکندي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو اهڙو لائحه عمل جوڙڻو پوندو جنهن سان ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي، هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ رضاڪاراڻا طور تي ڪم ڪندڙ جي رجحان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سماجي شعبي ۾ بهتري اچي. صدر قومي تعليمي نصاب جي تياري ۾ ذاتي دلچسپي ۽ قرآني تعليم کي نصاب جو حصو بڻائڻ لاءِ تجويز ڪيل قانونسازي تي مملڪتي وزير بليغ رحمان جي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت مستحق شاگردن لاءِ ادا ٿيل فيس جي واپسي موجوده حڪومت جو طرح امتياز آهي، صدر چيو ته ان سان نه رڳو مستحق ٻارن جي حوصلا افزائي ٿيندي پر ان سان تعليم طرف ڌيان ۾ به اضافو ٿيندو. صدر چيو ته تعليمي پروگرام جي عملداري لاءِ سمورا وسيلا استعمال آندا وڃن ۽ ان لاءِ پنهنجي ڀرپور مدد جو يقين ڏياريو. صدر ممنون حسين مملڪتي وزير کي هدايت ڪئي ته قائداعظم يونيورسٽي جي چار ديواري جي تڪميل ۽ غير قانوني قبضو ڪندڙن کان يونيورسٽي جي زمين ڇڏرائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. صدر ممنون حسين کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير بليغ الرحمان تعليمي ميدان ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.