حڪومت زميني سڌارن تي نظرثاني جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏورکڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وفاقي وزير زاهد حامد

حڪومت زميني سڌارن تي نظرثاني جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏورکڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وفاقي وزير زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔20 جولائی۔2016) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته حڪومت زميني سڌارن تي نظرثاني جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏو رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بلوچستان جو جواب اچڻ کانپوءِ اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل اڏو پيش ڪيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪريم احمد خواجه، تاج حيدر، سردار اعظم موسيٰ خيل جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته حڪومت زميني سڌارن تي نظرثاني جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏو رکڻ جو فيلصو ڪيو آهي، شريعت ڪورٽ زميني سڌارن کي غير شرعي قرار ڏنو آهي، ورڪرز پارٽي سپريم ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪئي آهي، بلوچستان کان جواب اچڻ کانپوءِ اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ ان معاملي تي چئني صوبن کان جواب طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته رولز موجب جيڪو به معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ان بابت چئني صوبن کان راءِ ورتي وڃي ٿي.