نيب جي استعمال هيٺ مختلف ماڊلز جون 10 گاڏيون موجود آهن: سينيٽ کي آگاهي

نيب جي استعمال هيٺ مختلف ماڊلز جون 10 گاڏيون موجود آهن: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔20 جولائی۔2016) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته نيب جي استعمال هيٺ مختلف ماڊلز جون 10 گاڏيون موجود آهن، بنا استحقاق جي ڪنهن آفيسر کي گاڏي نه ٿي ڏني وڃي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ايوان کي ٻڌايو ته نيب جي مختلف سيڪشنن کي 4 سوزوڪي ڪلٽس گاڏيون الاٽ ڪيون ويون آهن جن جو استعمال اداري جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ جن آفيسرن جو ڪنوينس الائونس ڪٽجي ٿو انهن کي پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولت جي لاءِ ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ڪو به اهڙو آفيسر جيڪو ان سهولت جو استحقاق نه ٿو رکي سرڪاري گاڏي استعمال نه ٿو ڪري.