اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔20 جولائی۔2016) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته نادرا جي رڪارڊ جي ٻيهر تصديق شروع ٿيڻ کانپوءِ هيستائين 1420 سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن، لاڳاپيل ايجنسين جي رپورٽ ملڻ کانپوءِ انهن کي رد ڪرڻ جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر فرحت الله بابر، حافظ حمدالله جي سوالن جي جواب ۾ پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته نادرا ڊيٽابيس جي ملڪ ۾ ٻيهر تصديق شروع ٿيڻ کانپوءِ ڪو ڪارڊ رد نه ڪيو ويو، هن چيو ته سڃاڻپ ڪارڊن جي رد ڪرڻ جو فيصلو رپورٽ جي نتيجن تي ڪيو ويندو، حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته معاملن کي بهتر کان بهتر بڻايو وڃي.
نادرا جي رڪارڊ جي ٻيهر تصديق شروع ٿيڻ کانپوءِ هيستائين 1420 سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن: سينيٽ کي آگاهي
8 سال پھريان