وزيراعظم اڄ لاهور کان اسلام آباد پهچندو

وزيراعظم اڄ لاهور کان اسلام آباد پهچندو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔20 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف لنڊن ۾ هارٽ سرجري ڪرائڻ ۽ لاهور ۾ رهڻ کانپوءِ اڄ خميس ڏينهن واپس اسلام آباد پهچندو. اها ڳالهه وزيراعظم هائوس پاران ٻڌائي وئي آهي. ياد رهي ته وزيراعظم نواز شريف جي لنڊن ۾ 31 مئي تي ڪامياب اوپن هارٽ سرجري ٿي هئي جنهن جي 5 ڏينهن کانپوءِ کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو ۽ هو 9 جولاءِ تي لاهور پهچڻو هو، وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز شريف جي هڪ ٽوئيٽ موجب لاهور ۾ رهڻ دوران وزيراعظم جي ٽنگ ۾ ڪجهه انفيڪشن ٿي پيو ۽ سندس علاج ڪيو ويو. واضح رهي ته لنڊن جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم پاڪستان هاءِ ڪميشن مان وڊيولنڪ ذريعي وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي. وزيراعظم هائوس جي ترجمان ٻڌايو ته وزيراعظم 21 جولاءِ تي واپس اسلام آباد پهچندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ