قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔20 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن سيد نويد قمر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن جنيد انوار چوڌري سميت لاڳاپيل حڪومتي ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات واري وزارت جي ذيلي اداري نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي 11 -2010ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. پي اي سي ٺيڪيدارن کي بونس جي مد ۾ 59 ملين کان وڌيڪ رقم جي ادائيگي جي حوالي سان آڊٽ اعتراضن تي مواصلات واري وزارت، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ آڊٽ جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ان معاملي کي ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ غور هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو.