قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران ترڪ صدر جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي حوالي سان تياريون شروع

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران ترڪ صدر جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي حوالي سان تياريون شروع

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ترڪ صدر جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي حوالي سان تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪالهه سومر ڏينهن ڊائريڪٽر جنرل پروٽوڪول انور سيال جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ پارليامينٽ هائوس جي ٻئي لاڳاپيل عملي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مهمانن جي آمد، سيڪيورٽي انتظامن سميت ٻين معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل لاڳاپيل عملي کي ذميواريون ڏنيون. واضح رهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 17 نومبر تي متوقع آهي جنهن کي ترڪ صدر رجب طيب اردوان خطاب ڪندو.