قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران گوادر پورٽ جي فعال ٿيڻ تي قوم کي مبارڪون

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران گوادر پورٽ جي فعال ٿيڻ تي قوم کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي پهرين پائليٽ پراجيڪٽ ذريعي گوادر پورٽ جي فعال ٿيڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي جدا جدا مبارڪباد وارن پيغامن ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو مڪمل ٿيڻ پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي جو واضح ثبوت آهي. سردار اياز صادق چيو ته ان منصوبي سان ٻئي ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ پڻ فائديمند ثابت ٿيندا. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان جي عام ماڻهو جي زندگي جو معيار پڻ بهتر ٿيندو.