وزيراعظم پاران ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول تي تازين خلاف ورزين ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ڪنهن به قسم جي جارحيت جي خلاف ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف شهيد ٿيندڙ پاڪستاني جوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي جو تازن ڏينهن ۾ ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي لاڳيتو خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽرائڻ جي لاءِ لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي بيگناهه ماڻهن جي خلاف ظلم ڪري رهي آهي، ڀارتي قبضي جي خلاف والاريل ڪشمير جي عوام اٿي بيٺي آهي. هن چيو ته ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم نواز شريف شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيندڙن کي سدائين احترام سان ياد رکيو ويندو.