اسلام آباد ايئرپورٽ کي جديد ايئرپورٽ طور مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد ايئرپورٽ کي جديد ايئرپورٽ طور مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد جي نئين هوائي اڏي کي سمورين گهربل سهولتن سان حقيقي معنيٰ ۾ جديد ايئرپورٽ طور مڪمل ڪيو وڃي، ان جي رنگ روغن ۾ اسان جي ثقافت جي به نمايان طور تي عڪاسي ٿيڻ گهرجي. هن اها هدايت ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ نيو اسلام آباد ايئرپورٽ جي تعمير جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. وزيراعظم کي نيو اسلام آباد جي ڊيزائن، رابطا رستن ۽ انٽيريئر ڊيزائننگ بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نئين هوائي اڏي تائين آسان ۽ تيز پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ معياري رابطا رستا تعمير ڪيا وڃن. هن چيو ته هي پنهنجي اندروني رنگ روغن ۾ اسان جي ثقافت جي نمايان عڪاسي رکندڙ هڪ جديد ترين ايئرپورٽ هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جو گادي وارو شهر هڪ اهڙي ايئرپورٽ جو گهرجائو آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ ڪنهن به جديد ايئرپورٽ جي برابر هجي. اجلاس ۾ ناڻي واري سيڪريٽري، هوابازي جي ڊي جي ۽ سيڪريٽري، اين ايڇ اي جي چيئرمين، اسلام آباد جي ميئر ۽ سينيئر سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.