ترڪي جو صدر رجب طيب اردوان 16 نومبر تي پاڪستان جي دوري تي پهچندو

ترڪي جو صدر رجب طيب اردوان 16 نومبر تي پاڪستان جي دوري تي پهچندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) ترڪي جو صدر رجب طيب اردوان 16 ۽ 17 نومبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو، کيس ان دوري جي دعوت صدر ممنون حسين ڏني آهي، پرڏيهي آفيس پاران سومر ڏينهن جاري بيان موجب جيتوڻيڪ ترڪ صدر ڪيترن ئي موقعن تي پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي، پر صدارتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس اهو پاڪستان جو پهريون ٻه طرفو دورو هوندو، هڪ اعليٰ سطح جو وفد به ساڻس گڏ هوندو، جنهن ۾ وزير، سينئر عملدار ۽ وڏي تعداد ۾ ڪاروباري ماڻهو شامل هوندا. صدر ممنون حسين سان ملاقات کانسواءِ ترڪ صدر وزيراعظم محمد نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ ٻئي اڳواڻ ٻه طرفي معاملن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ڪندا. ترڪ صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي به خطاب ڪندو. صدر ممنون حسين پنهنجي ترڪ هم منصب ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي به ڏيندو. ترڪ صدر لاهور به ويندو جتي وزيراعظم شاهي قلعي ۾ سندس اعزاز ۾ هڪ آجياڻو ڏيندو، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ نهايت پرجوش دوستاڻا ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل مثالي لاڳاپا هموار آهن جنهن جون پاڙون گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت ۾ کتل آهن، قيادت ۽ وزارتي سطح تي به خيالن جي ڏي وٺ ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ منفرد رشتن جي امتياز آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت تاريخي رشتن کي ايڪهين صدي جي حقيقت جي روشني ۾ مضبوط حصيداري ۾ بدلائڻ لاءِ پرعزم آهي. قيادت جي سطح تي اعليٰ سطح جي تعاون ڪائونسل ۽ ڪيترائي ٻه طرفي اداره جاتي نظام مٽاسٽا جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ تازي سالن دوران نمايان اضافو ۽ فعاليت ڏسڻ ۾ آئي آهي، ٻئي ملڪ مضبوط اقتصادي، حصيداري هموار ڪرڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون تي ڌيان ڏئي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪي علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي ڀرپور حمايت ڪن ٿا. ترڪي گڏيل قومن جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ ڪوششون ڪندڙ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي هميشه حمايت ڪئي آهي. ترڪي جي دوست قوم جو ڄمون ۽ ڪشمير ۽ او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر جي حيثيت سان اهم ۽ فعال ڪردار آهي جڏهن ته پاڪستان قبرص جي مسئلي تي ترڪي جو حامي آهي، پاڪستان ۽ ترڪي جي قيادت جو سڀني شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پڪو عزم آهي. پرڏيهي آفيس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ترڪ صدر جي دوري سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملندي.