قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپييڪر پاران جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپييڪر پاران جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپييڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽ ۾ اڳوڻي قائدايوان جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار تعزيتي پيغامن ۾ هنن مرحوم جي قومي ۽ سياسي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو.