سيد خورشيد شاهه پاران جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

سيد خورشيد شاهه پاران جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽ ۾ اڳوڻي قائدايوان جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن مرحوم جي قومي ۽ سياسي خدمتن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي سندس لاڏاڻي کي هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي، سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته جهانگير بدر جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال مدتن تائين ڀرجي نه سگهندو. هن مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو.