مريم اورنگزيب پاران جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سينئر سياستدان ۽ پي پي پي جي اڳواڻ جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته جمهوريت جي بحالي لاءِ سندس جدوجهد ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ سندس خدمتون قابل تحسين آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.