جهانگير بدر جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

جهانگير بدر جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ناليواري سياستدان ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪندي وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي. مرحوم جهانگير بدر جي خدمتن کي زبردست عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سياست جي استحڪام لاءِ جهانگير بدر جي خدمتن کي سدائين نهايت احترام سان ياد رکيو ويندو. هن چيو ته هو هڪ عظيم سياسي اثاثو هو جيڪو ملڪ ۾ جمهوري قدرن تي يقين رکندو هو ۽ هن ان جي فروغ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته سياسي فرق بنا هر پاڪستاني کيس هميشه ياد رکندو.