وزيراعظم پاران حب ۾ درگاهه شاهه نوراني ڌماڪي جي مذمت

وزيراعظم پاران حب ۾ درگاهه شاهه نوراني ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف حب ۾ درگاهه شاهه نوراني ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڌماڪي ۾ معصوم قيمتي جانين جي زيان تي ڏکويل خاندانن ۽ زخمي ٿيندڙن سان گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ واقعي ۾ مارجي ويلن کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ ڏکويل خاندانن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي جلد کان جلد ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي جلد ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.