صدر پاران درگاهه شاهه نوراني ۾ دهشتگردي جي مذمت

صدر پاران درگاهه شاهه نوراني ۾ دهشتگردي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12نومبر2016ء) صدر ممنون حسين شاهه نوراني ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪندي مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن صدر لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي علاج جون بهترين سهولتون ڏنيون وڃن. صدر چيو ته دهشتگردي جا واقعا انتهاپسندن جي مايوسي جو اظهار آهن. حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪري انتهاپسندن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي. هن چيو ته مقدس جاين کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت ۽ قومي ترقي جا دشمن آهن ۽ ناڪامي سندن مقدر آهي.