ملڪ ۾ پارليامينٽ صحيح طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

ملڪ ۾ پارليامينٽ صحيح طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12نومبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته ملڪ ۾ پارليامينٽ موجود آهي ۽ پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان ڪري رهي آهي، پاڪستان جي عوام جمهوري ادارن ۽ آئين جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن اقراء يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته اسان جي نوجوان نسل آڏو هڪ نئين دنيا آهي جيڪا نئين حقيقتن ۽ نئين رخ طرف گامزن آهي. هن چيو ته جديد پاڪستان ۾ جديد تعليمي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ۽ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهو انتهائي لازمي آهي ته تعليم جي فرسوده نظام کي ختم ڪيو وڃي، تعليمي آزادي کي هٿي وٺرائي وڃي ته جئين مختلف قسم جي سوچ کي هٿي ملي سگهي ۽ گڏوگڏ انهي ۾ جدت ۽ سگهه پيدا ٿئي جيڪا هڪ قوم ملڪ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم جي وقت به تعليم ۽ صحت جي شعبن کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت رجعت پسند قوتن پاران ڪئي وئي، نصاب جوڙڻ جو اختيار 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي هاڻي اهو صوبائي ايڇ اي سيز جو آئيني استحقاق آهي ته هو عملدرآمد ڪميشن جي تجويزن کي عملي جامعو پارائين.