صدر ڪمپنيز آرڊيننس 2016ع لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر ڪمپنيز آرڊيننس 2016ع لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12نومبر2016ء) صدر ممنون حسين ڪمپنيز آرڊيننس 2016ع لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪمپنيز آرڊيننس 2016ع سمورين ڌرين سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. آرڊيننس جو مقصد پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي عالمي معيار موجب بڻائڻ آهي. نئين قانون سان معيشت ۾ بهتري ۽ اقتصادي ترقي جي شرح ۾ اضافو ٿيندو ۽ گڏيل ثالثي سان معاملن کي بهتر انداز ۾ حل ڪري سگهبو. اسحاق ڊار چيو ته ڪمپنيز آرڊيننس واپاري برادري جي پراڻي مطالبي کي مڪمل ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. آرڊيننس جي شقن ۾ ڪمپنيون قائم ڪرڻ جي لاءِ طريقيڪار ۾ آساني، ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال، اڻ رجسٽرڊ ڪمپنين ۾ بڪ انٽري فارم ۾ فزيڪل شيئرز جي منتقلي ۽ سمورين سطحن تي دستاويزن جي حوصلا افزائي شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڪمپنين جي فيصلاسازي عمل ۾ ميمبرن جي وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪمپنيز آرڊيننس 2016ع مواصلات جي جديد اليڪٽرانڪ ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. آرڊيننس ۾ ميڊيم انٽرپرائيزز جي سهولت جي لاءِ خصوصي شقون پڻ شامل آهن. ان کانسواءِ ان ۾ ڪمپنين جي شريعه سرٽيفڪيشن ۽ سيڙپڪارن کي تحفظ جي فراهمي جي لاءِ ريئل اسٽيٽ ڪمپنين جي لاءِ ضرورتن جي حوالي سان شقون پڻ شامل ڪيون ويون آهن. آرڊيننس آزاد ۽ نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز کي بورڊ ۾ شامل ڪرڻ جي حوصلا افزائي لاءِ تحفظ فراهم ڪري ٿو. آرڊيننس جو مقصد ڪريڊيٽرز ۽ اقليتي شيئر هولڊرز جي مفادن جي تحفظ بابت مسئلن کي ختم ڪرڻ پڻ آهي. ڪمپنيز آرڊيننس 2016ع ٻيا سڌارا پڻ متعارف ڪرائي ٿو، جنهن ۾ فري زون ڪمپنين جي لاءِ نرمي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ايگريڪلچر پروموشن ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ انويسٽر ايجوڪيشن ۽ آگاهي فنڊ قائم ڪرڻ شامل آهي. ان کانسواءِ آرڊيننس ۾ فراڊ، مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن کي مالي تعاون جي فراهمي جي روڪٿام لاءِ ايس اي سي پي کي گڏيل جاچ لاءِ بااختيار بڻايو ويو آهي. اسحاق ڊار چيو ته نئون قانون ڪارپوريٽ سيڪٽر کي مراعتون ۽ رليف ڏيڻ جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڇو ته 23 سال پراڻي ڪمپنيز آرڊيننس 1984ع ۾ بهتري آڻڻ جي سخت ضرورت هئي. اسحاق ڊار چيو ته مختلف ڌرين سان مشاورت دوران واپاري برادري ۽ مارڪيٽس ماهرن هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو آهي. هن نئين قانون جي تياري ۾ ايس اي سي پي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.