گڏاڻي ۾ بحريه جهاز ۾ باهه سبب متاثر ماڻهن لاءِ ريلوي حادثي جي متاثرين جيتري معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي: سيد خورشيد شاهه

گڏاڻي ۾ بحريه جهاز ۾ باهه سبب متاثر ماڻهن لاءِ ريلوي حادثي جي متاثرين جيتري معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي: سيد خورشيد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11نومبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته گڏاڻي ۾ بحريه جهاز ۾ باهه سبب متاثر ماڻهن لاءِ ريلوي حادثي جي متاثرين جيتري معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي نالي هڪ خط ۾ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته گڏاڻي ۾ پيش آيل واقعي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 پورهيت فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن چيو ته هي المناڪ سانحو هو ذميدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته سيد خورشيد شاهه واقعي جي جامع جاچ جو به مطالبو ڪيو آهي.