سينيٽر نهال هاشمي جو بيان حڪومت يا مسلم ليگ (ن) جو موقف نه آهي: مريم اورنگزيب

سينيٽر نهال هاشمي جو بيان حڪومت يا مسلم ليگ (ن) جو موقف نه آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11نومبر2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽر نهال هاشمي جو بيان حڪومت يا مسلم ليگ (ن) جو موقف نه آهي، نهال هاشمي ذاتي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هو اپيڪس ڪميٽي جو ميمبر به هو. نهال هاشمي طرفان سنڌ جي اڳوڻي گورنر بابت بيان جي حوالي سان پنهنجي بيان ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته سنڌ جي اڳوڻي گورنر جي حوالي سان سينيٽر نهال هاشمي جو بيان سندس ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي ۽ ان بيان سان حڪومت يا پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت جو ڪو به تعلق نه آهي، هن چيو ته سنڌ جي اڳوڻي گورنر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ اپيڪس ڪميٽي جو ميمبر به هو. هاڻي نئون گورنر اچي ويو آهي اڳتي ڏسڻ جي ضرورت آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نهال هاشمي پنهنجي بيان جي پاڻ وضاحت ڪري ته هن اهڙي سخت زبان ڇو استعمال ڪئي آهي.